ڊاڪٽرسيما ابڙو

ڊاڪٽرسيما ابڙو

سيما ابڙو ڊاڪٽر

سيما ابڙو، ڊاڪٽر‎:‎‏ ليکڪا، مضمون نويس ۽ تعليمدان ڊاڪٽر سيما ابڙو 15 جنوري 1977ع تي قبول ابڙي جي گهر، ‏ڳوٺ شاھ قلي پور (رُڪ) ۾ جنم ورتو. ايم اي (سنڌي )جي ڊگري ڪراچي يونيورسٽيءَ مان، جڏهن ته ’سنڌي ٻوليءَ جي مختلف ‏لھجن جو تقابلي جائزو‘ جي عنوان سان ‏Ph.D‏ جي ڊگري وفاقي اردو يونيورسٽيءَ مان حاصل ڪئي. 2005ع ۾ سنڌ مدرسة ‏السلام ڪاليج ۾ ليڪچرر ٿي. ڪجهه وقت کان پوءِ 2007ع ۾ وفاقي اردو يونيورسٽيءَ جي سنڌي شعبي ۾ ليڪچرر ۽ ھن ‏وقت اسسٽنٽ پروفيسر طور ڪم ڪري رھي آھي. سندس ڇپيل ڪتابن ۾: ’خواب ۽ حقيقت‘ (ڪھاڻيون)، ’سنڌي ادب جو ‏جائزو‘ (تحقيق) ۽ ’مون خدا ڳولي ورتو آھي‘ (ڪھاڻيون) شامل آھن. ان کان علاوه مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ تحقيقي مضمون پڻ ‏لکندي رھي آھي. سندس شادي محقق ۽ لغت نويس عبدالڪريم ’آزاد‘ سميجي سان ٿيل آھي‏‎.‎


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1977.01.15  عيسوي

ليکڪا، مضمون نويس ۽ تعليمدان ڊاڪٽر سيما ابڙو 15 جنوري 1977ع تي قبول ابڙي جي گهر، ‏ڳوٺ شاھ قلي پور (رُڪ) ۾ جنم ورتو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ڀَنڀو
ٽنڊولڪر سچن
سنڌو راج
حاجي ولي محمد نظاماڻي
دلير رند سخي
پارس عباسي
الڪا ڪيسواڻي
ڀٽو شاهنواز
ضياء الدين نخشبي
چي گويرا
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون